آءِ سي سي ورلڊڪپ جي ڪنهن هڪ ايڊيشن ۾ سڀ کان مهانگي بالر جو رڪارڊ پاڪستاني بالر حارث رئوف پنهنجي نالي ڪري ورتو .
ڀارت ۾ کيڏي ويل ورلڊ ڪپ جا مقابلا حارث رئوف جي ڪرڪيٽ ڪيريئر لاءِ ڊيڄاريندڙ ثابت ٿيا، فليٽ پچز تي پيسر کي بيٽرز خوب ڪٽڪو ڏنو.
حارث رئوف 9 ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ 533 رنسون ڏيندڙ بالر بڻجي ويو، جڏهن ته کيس 16 ڇڪا به لڳا، ان کان اڳ اهو رڪارڊ انگلينڊ جي عادل رشيد جي نالي هو جنهن 2019ع ۾ 526 رنسون ڏنيون هيون.
2019ع جي ورلڊڪپ ۾ مچل اسٽارڪ 10 ميچن ۾ 502 رنسون، مستفيض الرحمان 8 م،يچن ۾ 484، ٽرينٽ بولڊ 10 ميچن ۾ 479 ۽ ٽم سائوٿي 2015 جي ورلڊ ڪپ ۾ 472 رنسون ڏنيون هيون.
هلندڙ سال جي ورلڊڪپ ۾ حارث رئوف کان پوءِ سريلنڪا جو بالر مڌوشنڪا 525 رنسون ڏئي ٻيو مهانگو ترين بالر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ..