بزدل اسرائيلي فوج معصوم ٻارن ۽ عورتن مٿان بمباري ڪري پئ: مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراھھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ اسرائيلي فوج فلسطيني شهرين تي ظلم ڪري رهي آهي، يهودي فوج عورتن ۽ ٻارڙن کي به شهيد ڪيو، جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي شهيد ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، فلسطينين سان گڏ بيهڻ مسلمانن جو فرض آهي. مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو تھ فلسطين ۾ سندن مائرون ۽ ڀينرون  شھيد ٿي رھيون آھن، بزدل اسرائيلي فوج معصوم ٻارن ۽ عورتن مٿان بمباري ڪري پئي. ھن چيو تھ فلسطيني سندن ڀائر آھن، دنيا جا مسلمان فلسطينين سان گڏ آھن، آمريڪا، برطانيھ ۽ فرانس  ۾ بھ فلسطيني عوام مٿان ظلم خلاف مظاھرا ٿيا آھن. سندس چوڻ ھو تھ  جنگ جا بھ اصول ھوندا آھن، انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي آھن،؟ افغانستان ۾ روس ۽ آمريڪا کي ٻاھر ڪڍيو ويو، جيڪڏھن آمريڪا پاڻ کي سپر طاقت سمجھي ٿو تھ بيوقوف آھي. مولانا فضل الرحمان چيو تھ  امن امان ۽ مضبوط معيشيت ڪنهن به رياست لاءِ ضروري هوندا آهن، دشمن طاقتن خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي. ھن چيو تھ ڪنھن جي پرواھھ نھ ڪئي ۽ ملڪ جي نمائندگي ڪندي حماس قيادت سان ملاقات ڪئي، حماس قيادت چيو تھ پاڪستان گڏيل قومن ۾ موقف پيش ڪيو ان جو قدر ڪيون ٿا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
20%
1.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون