جي يو آءِ سربراھھ مولانا فضل الرحمان چيو آھي تھ اسرائيلي فوج فلسطيني شهرين تي ظلم ڪري رهي آهي، يهودي فوج عورتن ۽ ٻارڙن کي به شهيد ڪيو، جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي شهيد ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، فلسطينين سان گڏ بيهڻ مسلمانن جو فرض آهي.
مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو تھ فلسطين ۾ سندن مائرون ۽ ڀينرون شھيد ٿي رھيون آھن، بزدل اسرائيلي فوج معصوم ٻارن ۽ عورتن مٿان بمباري ڪري پئي.
ھن چيو تھ فلسطيني سندن ڀائر آھن، دنيا جا مسلمان فلسطينين سان گڏ آھن، آمريڪا، برطانيھ ۽ فرانس ۾ بھ فلسطيني عوام مٿان ظلم خلاف مظاھرا ٿيا آھن.
سندس چوڻ ھو تھ جنگ جا بھ اصول ھوندا آھن، انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي آھن،؟ افغانستان ۾ روس ۽ آمريڪا کي ٻاھر ڪڍيو ويو، جيڪڏھن آمريڪا پاڻ کي سپر طاقت سمجھي ٿو تھ بيوقوف آھي.
مولانا فضل الرحمان چيو تھ امن امان ۽ مضبوط معيشيت ڪنهن به رياست لاءِ ضروري هوندا آهن، دشمن طاقتن خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي.
ھن چيو تھ ڪنھن جي پرواھھ نھ ڪئي ۽ ملڪ جي نمائندگي ڪندي حماس قيادت سان ملاقات ڪئي، حماس قيادت چيو تھ پاڪستان گڏيل قومن ۾ موقف پيش ڪيو ان جو قدر ڪيون ٿا..