اسرائيلي فوج جا غزا ۾ 37 هين ڏينهن به حملا جاري آهن، جڏهن ته يهودي فوج جي بمباري سبب وڌيڪ 19 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا موجب يهودي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر جباليا ڪئمپ تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 19 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
شهيد فلسطينين جو انگ 11 هزار 180 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ 6699 ٻار ۽ 3100 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ به 28 هزار 200 تائين پهچي چڪو آهي.
اسرائيلي بمباري سبب ٻه وڏيو اسپتالون غير فغامل بڻجي ويون آهن، الشفا اسپتال بند ٿي وئي ۽ القدس اسپتال به ڪم روڪي ڇڏيو آهي.
الشفا اسپتال ۾ 100 کان وڌيڪ لاش موجود آهن، جڏهن ته بجلي بند ۽ دوائون ختم ٿيڻ سبب سوين حياتيون خطري هيٺ آهن، اسپتال ۾ انڪيوبيٽرز بند ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ٻارڙن جون حياتيون خطرو هيٺ آهن.
الشفاءَ اسپتال جي سربراهه جو بيان پڙهندي برطانوي ڊاڪٽرياڻي لڙڪ روڪي نه سگهي.
اسرائيلي وزيراعظم هڪ دفعو ٻيهر غزا تي ڪنٽرول ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام بريگيڊ جي ترجمان ابو عبيده چيو آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ اسرائيلي فوج جون 25 کان وڌيڪ گاڏيون مڪمل طور تي تباهه ڪيون ويون، دشمن هڪ ڏينهن يا هڪ ڪلاڪ به سـُک جو ساهه نه کڻندو، کيس پنهنجي جارحيت جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
پنهنجي آڊيو بيان ۾ ابو عبيده چيو ته غزه ۾ 160 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجي هدفن کي مڪمل يا جزوي طور تي تباهه ڪيو ويو ۽ گذريل 48 ڪلاڪن ۾ دشمن فوج جون 25 کان وڌيڪ گاڏيون مڪمل طور تي تباهه ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته حماس جي ويڙهه خطي جي طاقتور فوج کي خوفزده ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيلي فوج کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
القسام بريگيڊز جي ترجمان ابو عبيده چيو ته سندن ويڙهاڪ زمين جي اندر، زمين تي ۽ ملبي هيٺان حملا ڪري دشمن کي سپرائيز ڏئي رهيا آهن، مجاهد دشمن جون ٽينڪس ۽ بلڊوزرن کي تباهه ڪري رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته دشمن هڪ ڏينهن يا هڪ ڪلاڪ به سـُک جو ساهه نه کڻندو، يهودي فوج کي پنهنجي جارحيت جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.