- Advertisement -
پاڪستان ۾ غير قانوني طور ترسيل وڌيڪ 3 هزار 43 غير قانوني افغانين کي طورخم بارڊر ذريعي واپس اماڻيو ويو.
طورخم سرحدي گزرگاه وٽان بي دخلي جو عمل گذريل ڏيڍ مهيني کان جاري آهي.
غير قانوني طور ترسيل وڌيڪ 3 هزار 43 غير قانوني افغانين کي طورخم بارڊر ذريعي ڏيهه اماڻيو ويو جنهن بعد مجموعي طور 2 لک 6 هزار 18 ماڻهو وطن روانا ٿي چڪا آهن.
چمن بابِ دوستي ذريعي به 90 هزار کان وڌيڪ غير قانوني افغانين کي واپس ڪيو ويو آهي.
افغان ڪمشنريٽ ذريعن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ غير قانوني طور ترسيل 2 هزار 857 افغان شهرين کي لنڊي ڪوتل عارضي ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو ويو .
گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته رش ختم ٿيڻ کانپوءِ غير قانوني طوت ترسيل ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ ڪئي ويندي.
هوڏانهن خيبرپختونخواه حڪومت به غير قانوني طور ترسيل افغانين جي ڊيٽا مڪمل ڪري ورتي، ڪي پي جي وڏن شحرن ۾ 22 هزار 347 غير قانوني افغانين جي نشاندهي ڪئي وئي.- Advertisement -
