پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 71 ڪروڙ ڊالر جي قسط جي لاءِ ڳالهين جي شروعات اڄ ٿيندي.
پاليسي سطح جي ڳالهين جي پهرين ڏهاڙي اسپيشل انويسٽمينٽ ڪائونسل جا عملدار آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏيندا.
ڳالهين ۾ ايس آءِ ايف سي تحت امڪاني سڌي ريت سيڙپڪاري جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي، ايس آءِ ايف سي تحت ايندڙ سيڙپڪاري تي ٽيڪسن جي رعايت سميت ٻين معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويندو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاليسي سطح جي ڳالهين ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم جي اڳواڻي ناڻي واري نگران وزير شمشاد اختر ڪندي، پاليسي جي ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف جائزه مشين جي قيادت مشن جو سربراه ناٿن پورٽر ڪندو.
ان کان اڳ ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهين ۾ ايف بي آر آءِ ايم ايف مشن کي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ت مطمئن ڪيو هو اهڙي ريت پاور سيڪٽر بابت آءِ ايم ايف مطمئن آهي.