آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت کانپوءِ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم خانگي ايئرلائن جي اڏام ذريعي دبئي کان لاهور پهچي ويو.
بابر اعظم سان گڏ پاڪستان ٽيم جو مئنيجر ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جا ٻيا عملدار به موجود هئا.
لاهور ايئرپورٽ تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي آمد تي موجود ماڻهن پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا.
ڪپتان بابر اعظم سميت 11 ميمبرن جو پهريون گروپ گذريل ڏينهن ڪولڪتا کان دبئي روانو ٿيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آچر جي صبح ڪولڪتا کان دبئي لاءِ روانو ٿيندڙ اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، افتخار احمد، حارث رئوف ۽ ٻيا شامل هئا.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي 22 ميمبرن تي ٻڌل ٻيو گروپ به ڪولڪتا کان دبئي روانو ٿي ويو آهي، اسڪواڊ جي ميمبرن ۾ شاهين آفريدي، امام الحق، سلمان آغا، محمد نواز ۽ ٻيا رانديگر شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪواڊ ۾ ڪوچنگ اسٽاف به شامل آهي…..