ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ شهري جي فائرنگ ۾ هوٽل تان ڦر ڪندڙ ٻه ڦورو مارجي ويا

- Advertisement -
ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ شهري جي فائرنگ ۾ هوٽل تان ڦر ڪندڙ ٻه ڦورو مارجي ويا، نيو ڪراچي ۾ هٿياربندن ڦر مزاحمت تي خانگي ڪمپني جو سڪيورٽي گارڊ    قتل ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوسٽ گارڊ چورنگي ويجهو موٽر سائيڪل سوار ڦورو چانهن جي هوٽل تي ويٺل شهرين کان ڦر ڪري رهيا هئا ته هوٽل تي ويٺل هڪ شهري ڦورو کان هٿيار ڦري فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب، شهري جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو ۽ هڪ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب، ڪجهه دير بعد زخمي ڦورو به اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي نيو ڪراچي  واري علائقي ۾ ڦر مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سڪيورٽي گارڊ قتل ٿي ويو. پوليس موجب، مقتول سڪيورٽي گارڊ خانگي ڪمپني جي ڊليوري وين سان گڏ مقرر هو، ڦورن وين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته گارڊ فائرنگ ڪئي جنهن بعد ڦورن فائرنگ ڪئي جنهن گارڊ گولي جو کاڄ بڻجي ويو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي به ٿي پيو جنهن کي ساٿي کڻي فرار ٿي ويا، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
18%
2.9m/s
2%
اربع
26 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون