ملير ۾ پوليس مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ڦر ٿيل موبائل فون، هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اسٽيل ٽائون پوليس گشت دوران موٽرسائيڪل سوار ٻن ڄڻن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو.
موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس جوابي فائرنگ ڪري ٻنهي جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن جي محمد سليم لانگاهه پٽ محمد حاجن لانگاهه ۽ ڪاشف پٽ سجاد طور سڃاڻپ ٿي آهي.
پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان ڦر ٿيل موبائل فون، هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار گلشن حديد، شاهه لطيف ٽائون، بن قاسم، ڪورنگي ۽ ملير جي مختلف علائقن ۾ خوف جي علامت بڻيل هئا.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ٻنهي جوابدارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته ڪيترائي ڀيرا ڦر ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ سميت پوليس مقابلن جي ڪيسن ۾ جيل وڃي چڪا آهن.
پوليس موجب، گرفتار جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ ۽ جاچ ڪئي پئي وڃي.