سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڏوهاري عنصرن خلاف آپريشن جاري آهي، ٻن مهينن دوران چاليهه کان وڌيڪ ڦورو مارجي ويا آهن اڃا ڪجهه وارداتون ٿي رهيون آهن پر جلد خاتمو آندو ويندو، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف آپريشن به جاري آهي جنهن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي.
ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ ويجهو قادر نگر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي جلد گرفتار ڪيو ويندو، اڃا سنڌو درياهه ۾ پاڻي موجود آهي جنهن سبب ڏکيائي ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن ايس ايس پي سکر سان رابطو ڪيو هو صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي جلد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو.
سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڏوهاري عنصرن خلاف آپريشن جاري آهي.
هن چيو ته ٻن مهينن دوران چاليهه کان وڌيڪ ڦورو مارجي ويا آهن اڃا ڪجهه وارداتون ٿي رهيون آهن پر جلد خاتمو آندو ويندو.
سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف آپريشن به جاري آهي جنهن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، هو ماڻهن سان انتهائي احترام سان پيش اچي رهيا آهن، جن وٽ قانوني دستاويز آهن کين ڪجهه نه پيو چيو وڃي جيڪي غيرقانوني طور ترسيل آهن انهن کي ڪڍيو پيو وڃي.