سنڌ جي نگران حڪومت ڪمند جو گهٽ ۾ گهٽ اگهه 425 رپيه في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو، نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ سارين ۽ ڪڻڪ جي پيداوار سنڌ کان وڌيڪ آهي، ڇا زراعت کاتو سارين، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار نه ٿو وڌائي سگهي، بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ زراعت کاتي جي ونگز کي بند ڪيو وڃي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ زراعت کاتي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، ايڊووڪيٽ جنرل حسن اڪبر، زراعت واري سيڪريٽري اعجاز شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
زراعت واري سيڪريٽري اعجاز شاهه، نگران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني.
وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان موجب، اجلاس ۾ ڪمند جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
نگران وڏي وزير ڪمند جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت 425 رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏي.
نگران وڏي وزير، چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته ڪابينا کان سرڪيوليشن ذريعي سمري منظور ڪرائي وڃي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ پهريان ئي مقرر ڪري چڪي آهي.
نگران وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته زراعت کاتي ۾ 10 ڊي جيز ۽ هڪ ڪين ڪمشنر آهي.
زراعت واري سيڪريٽري چيو ته زراعت کاتي کي لڳ ڀڳ 13 ونگز آهن.
نگران وڏي وزير سوال ڪندي چيو ته زراعت کاتو چانور، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي پيداوار نٿو وڌائي سگهي؟، پنجاب ۾ چانور ۽ ڪڻڪ جي پيداوار سنڌ کان وڌيڪ آهي.
نگران وڏي وزير زراعت واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ڊي جيز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته زراعت کاتي جون جيڪي ونگز بهتر ڪم نه ڪن انهن کي بهتر ڪريو يا بند ڪريو.