تازه ترين

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به هندو برادريءَ پاران ڏياري جو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به هندو برادريءَ پاران ڏياري جو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

ڏياري جي موقعي تي هندو برادريءَ پاران پوڄا پاٺ ڪري ڌرتي جي خوشحالي لاءِ پراٿنائون ڪيون پيون وڃن.

ٺٽي ۾ پوليس اهلڪارن ۾ ڏياري جي ڏڻ تي مٺايون ۽ تحفا ورهايا ويا.

ايس ايس پي ٺٽو علي بخش عرف آفتاب احمد نظاماڻي، ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي، ڊي ايس پي عابد مهر ۽ ٻين هندو برادري سان تعلق رکندڙ پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي ڏياري جون واڌايون ڏيندي مٺايون ۽ تحفا ڏنا ويا.

ٺري ميرواھه ۾ هندو برادري پاران ڏياري جي موقعي تي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو.

ريلي ۾ شريڪ نوجوانن پاران آتشبازي ڪري جهمريون هڻي  مٺايون ورهايون ويون.

ڏياري جي موقعي تي هندو برادري پاران مندرن ۽ گهرن ۾ ڏيئا ٻاري سنڌ سميت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون پيون وڃن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
9.8 ° C
9.8 °
9.8 °
36 %
2.7kmh
58 %
اڱارو
10 °
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °

تازه ترين خبرون