سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به هندو برادريءَ پاران ڏياري جو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به هندو برادريءَ پاران ڏياري جو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. ڏياري جي موقعي تي هندو برادريءَ پاران پوڄا پاٺ ڪري ڌرتي جي خوشحالي لاءِ پراٿنائون ڪيون پيون وڃن. ٺٽي ۾ پوليس اهلڪارن ۾ ڏياري جي ڏڻ تي مٺايون ۽ تحفا ورهايا ويا. ايس ايس پي ٺٽو علي بخش عرف آفتاب احمد نظاماڻي، ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي، ڊي ايس پي عابد مهر ۽ ٻين هندو برادري سان تعلق رکندڙ پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن کي ڏياري جون واڌايون ڏيندي مٺايون ۽ تحفا ڏنا ويا. ٺري ميرواھه ۾ هندو برادري پاران ڏياري جي موقعي تي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو. ريلي ۾ شريڪ نوجوانن پاران آتشبازي ڪري جهمريون هڻي  مٺايون ورهايون ويون. ڏياري جي موقعي تي هندو برادري پاران مندرن ۽ گهرن ۾ ڏيئا ٻاري سنڌ سميت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون پيون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
18%
2.9m/s
2%
اربع
26 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون