تازه ترين

برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير سويلا بريورمين کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي جيمز ڪليوري کي نئون گهرو وزيرر مقر

برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير سويلا بريورمين کي عهدي تان هٽائي سندس جاءِ تي جيمز ڪليوري کي نئون گهرو وزيرر مقر ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ سخت دٻاءَ بعد گهرو وزير بريورمين کي هٽائي ڇڏيو، سندس جاءِ تي جيمز ڪليوري کي گهرو وزير مقرر ڪيو.

برطانوي وزيراعظم جي آفيس ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ طرفان سوشل ميڊيا تي جيمز ڪليوري کي گهرو وزير مقرر ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ان کانسواءِ ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ طرفان  اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي ملڪ جو پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ جو ٻڌايو ويو.

ڀارت ڄائي گهرو وزير سويلا بريورمين کي ملڪ ۾ فلسطينين جي حق ۾ ڪڍيل ريلي کي منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ برطانوي وزيراعظم تي  گهرو وزير کي عهدي تان هٽائڻ جو دٻاءُ هو….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
34.3 ° C
34.3 °
34.3 °
14 %
5.9kmh
26 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون