تازه ترين

اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف اڄ به چارج شيٽ داخل نه ٿي سگهي

اليڪشن ڪميشن جي توهين ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف اڄ به چارج شيٽ داخل نه ٿي سگهي.

ميمبر سنڌ نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

پي ٽي آءِ چيئرمين اسد عمر ۽ فواد چوڌري مان ڪوبه پيش نه ٿيو، مددگار وڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.

ڪميشن سربراهه نثار دراني رمارڪس ڏيندي چيو ته سڪيورٽي خدشا آهن ته جيل ۾ ٻڌڻي ڪري سگهجي ٿي.

گهرو سيڪريٽري چيو ته جيل وڃڻ چاهيو ته ڀلي ٻڌڻي ڪري سگهو ٿا، کين جيل ۾ ٻڌڻي تي ڪو اعتراض ناهي.

ميمبر پڇاڻو ڪيو ته ڇا قانون ان جي اجازت ڏئي ٿو؟  جنهن تي گهرو سيڪريٽري قانون واري وزارت کان راءِ طلب ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو.

ڪميشن طرفان سوال ڪيو ويو ته فواد چوڌري جي وڪيل چيو ته فواد چوڌري جـُـڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي.

ميمبر چيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي، ان جا پنهنجا ضابطا آهن، آئين کانسواءِ ڪو به قانون ناهي ۽ اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن تي لاڳو ناهي، بعد ۾ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
32 %
2kmh
2 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون