احتساب عدالت، توشا خانا ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري

- Advertisement -
احتساب عدالت، توشا خانا ۽ 190 ملين پائونڊ ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب طرفان پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري وارنٽن تي عمل لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي احتساب عدالت اڊيالا جيل ي سپريڊنٽ کي وارنٽن تي عمل جو حڪم ڏنو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته هائيڪورٽ ان ڪيس ۾ ڇا ڪيو آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اتي ڪيس التوا هيٺ آهي، عدالت نه معطل ڪيو نه ئي اسٽينڊنگ آرڊر جاري ڪيو، ان ڪري عمران خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا وڃن. ان کانسواءِ ساڳئي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بيبي نيب اسلام آباد جي آفيس ۾ گڏيل جاچ ٽيم آڏو پيش ٿي. نيب جي ٽيم بشريٰ بيبي کان پڇاڳاڇا ڪئي، جنهن بعد کيس يارهن سوالن تي ٻڌل سوال نامو فراهم ڪري جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
25%
2.8m/s
70%
اربع
23 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون