اليڪشن جا نتيجا ڪمري ۾ ويهي تيار ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جيان کٽڻ جا خواب ڏسندڙ پاڪستان مهانگائي ليگ کي جواب عوام ڏيندو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته فيبروري ۾ عوام ڪيترين پارٽين کي سرپرائيز ڏيندو، اليڪشن جا نتيجا ڪمري ۾ ويهي تيار ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جيان کٽڻ جا خواب ڏسندڙ پاڪستان مهانگائي ليگ کي جواب عوام ڏيندو، آصف زرداري جي ڪوشش سان ٻين جو وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو ته هن ڀيرو جيالو وزيراعظم بڻجندو، ڪجهه قوتون اڄ به ورهائڻ واري سياست چاهن ٿيون ته جيئن عوام پاڻ ۾ متحد نه ٿئي، چونڊ مهم کان اڳ ئي ٿر جي عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، 8 فيبروري تي ائين ماڻهو نڪتا ته  پ پ ڪامياب ٿيندي. مٺي ۾ ڏياري جي ڏڻ تي پيپلزپارٽيءَ طرفان جلسو ڪرائي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو،  جنهن ۾ وڏي انگ ۾ جيالن ۽ جيالين  شرڪت ڪئي. جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ورهائڻ واري سياست ڪندڙ قوتن خلاف جدوجهد ڪري رهي آهي، ڪجهه قوتون اڄ به ورهائڻ واري سياست چاهن ٿيون ته جيئن عوام پاڻ ۾ متحد نه ٿئي. هن چيو ته پيپلزپارٽِي عوام کي متحد ڪرڻ ۽ بنا رنگ نسل جي خدمت واري سياست ڪئي، هو  اميرن نه پر عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻندا. بلاول ڀٽو زرداريءَ ن ليگ کي پاڪستان مهانگائي ليگ قرار ڏيندي چيو ته  فيبروري ۾ عوام ڪيترين پارٽين کي سرپرائيز ملندا، اليڪشن جا نتيجا ڪمري ۾ ويهي تيار ڪرڻ ۽ پي ٽي آءِ جيان کٽڻ جا خواب ڏسندڙ پاڪستان مهانگائي ليگ کي جواب عوام ڏيندو. هن چيو ته عوام پنج سال سليڪٽيڊ راڄ  ڀوڳيو آهي، هاڻي وڌيڪ سليڪٽيڊ کي برداشت نه ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻيا دوست جيڪي  سمجهن ٿا ته اهي پي ٽي آءِ جي نقل ڪري اليڪشن وڙهي سگهن ٿا ته کين عوام 8 فيبروري تي جواب  ڏئي پاڪستان مهانگائي ليگ کي شڪست ڏيندو. هن چيو ته آصف زرداري جي ڪوشش سان ٻين جو وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو ته هن ڀيرو جيالو وزيراعظم بڻجندو. پ پ چيئرمين چيو ته سندن ڪو به سياسي مخالف ناهن، سندن مقابلو بيروزگاري، مهانگائي ۽ غربت سان آهي، هو گڏجي انهن سان وڙهندا ۽ عوام کي سندن حق ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداريءَ هندو برادريءَ کي ڏياريءَ جون واڌايون پڻ ڏنيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
26%
1.9m/s
0%
خميس
23 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون