پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ دهشتگردن کي ڇڏيو ويو: اسحاق ڊار

- Advertisement -
ن ليگ سينيٽر اسحاق ڊار چيو  آهي ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ دهشتگردن کي ڇڏيو ويو، ڪنهن چيو ته جيلن ۾ قيد دهشتگردن کي ڇڏيو وڃي ۽ ڪابل وڃي طالبان حڪومت کي انگيج ڪريو، ويهن ورهين جو حقيقتون سامهون اچڻ گهرجن. سينيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ چيو هو ته دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻو آهي، ايَ پي ايس سانحي بعد سمورين سياسي پارٽين گڏ کي گڏ ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي، معيشت ۽ لوڊشيڊنگ وڏو مسئلو آهي، ڪنهن چيو هو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن سان ڳالهيون ڪريو؟ اسحاق ڊار چيو ته حالتون هن صورتحال تائين ڪيئن پهتيون؟ ان معاملي تي هو سياست نه ٿو ڪرڻ چاهي، پر اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته غلطيون ڪٿي ٿيون؟ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سندن حڪومت ملڪ مان لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگرديءَ جي ناسور جو خاتمو ڪيو،  ائين ڪم نه ڪندو،  ڪليئر روڊ ميپ ٺاهڻو پوندو، جيئن ايَ پي ايس سانحي بعد سڀ ويٺا، ائين ئي ٻيهر ويهڻ گهرجي، ان ڪئمرا سڀ ڪجهه ٻڌايو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24 ° C
24 °
24 °
26%
1.9m/s
0%
خميس
23 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون