سينيٽ 9 مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته حڪومت انهن پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، جن وٽ دستاويز ناهن، هيءَ ڪارروائي افغانين خلاف نه پر غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن پرڏيهين خلاف آهي، ڪو به شخص بنا ويزا افغانستان وڃي ڏيکاري، افغان شهري هتي ڪاروبار ڪرڻ چاهن ٿا ته ويزا وٺي اچن.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر دلاور حسين 9مئي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلائڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو ايوان منظور ڪري روتو.
سينيٽر رضا رباني ۽ مشتاق ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي.
اجلاس دوران ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.
ٺهراءُ موجب 9مئي وارن واقعن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلايا ويندا.
ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن بابت فيصلي تي نظرثاني ڪري.
ان کان اڳ اجلاس دوران خطاب ڪندي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته افغان شهرين سان ڀائيچارو آهي، جيڪو قيامت تائين رهندو.
هن چيو ته ڪابل پاڪستان ٺهڻ ۽ ان کي تسليم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي، افغانستان مان ئي پاڪستان خلاف پراڪسي وڙهي وئي، پاڙيسري ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ناهي، اتان پرڏيهي وڃي چڪا آهن.
سرفراز بگٽي چيو ته حڪومت انهن پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، جن وٽ دستاويز ناهن، هيءَ ڪارروائي افغانين خلاف نه پر غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن پرڏيهين خلاف آهي.
نگران گهرو وزير چيو ته ڪو به شخص بنا ويزا افغانستان وڃي ڏيکاري، افغان شهري هتي ڪاروبار ڪرڻ چاهن ٿا ته ويزا وٺي اچن.
سرفراز بگٽي چيو ته افغان شهرين سان خراب ورتاءُ ڪرڻ تي 2 ايس ايڇ اوز معطل ڪيا ويا آهن، هنن غيرقانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ هر سطح تي ڪميٽي ٺاهي آهي.