اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ۽ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان جي ضلعي مير علي ۾ 12 ۽ تيرهن نومبر جي وچ واري رات آپريشن دوران دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ دوران مرادن سان تعلق رکندڙ 25 ورهين جو سپاهي عبدالله ۽ ٿر پارڪر جو رهواسي 19 ورهين جو محمد سهيل شهيد ٿي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب فائرنگ دوران هڪ دهشتگرد به مارجي ويو، علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگيءَ جي امڪان سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون