تازه ترين

اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب غزا دنيا جي وڏي قبرستان ۾ تبديل

اسرائيلي فوج غزا  ۾ 38 هين ڏينهن به  وحشياڻي بمباري  جاري رکي جنهن سبب شهيد فلسطينين جو انگ 11 هزار 240 ٿي ويو.

اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب غزا دنيا جي وڏي قبرستان ۾ تبديل چڪو آهي، هر پاسي لاش ئي لاش نظر اچي رهيا آهن.

يهودي فوج خان يونس ۾ گهر ٻاهران ويٺل ماڻهن تي بمباري ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪٽنب جا 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهنته ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

القدس اسپتال وٽ شيلنگ، ڌماڪا ۽ ، فائرنگ جا واقعا پيش آيا.

غزا جون سموريون اسپتالون بند ٿي ويون جنهن سبب 6 تازا ڄاول ٻارڙا ۽ 9 مريض شهيد ٿي ويا، الشفا اسپتال ۾ ٽن ڏينهن دوران 32 مريضن سورن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي.

دوائون، پاڻي، خوراڪ مڪمل طور بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي مريض تڙپي تڙپي مرڻ لڳا جنهن ڪري ڊاڪٽر بي يارو مددگار بڻيل آهن.

اسرائيلي فوج دعويٰ ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ 21 ماڻهو مارجي ويا آهن.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب شهيد ٿيلن جو انگ 11 هزار 240 ٿي ويو آهي، جن ۾ 4 هزار 630 ٻار ۽ 3 هزار 130 عورتون شامل آهن.

صحت واري وزارت موجب غزا ۾ طبي عملي جا189 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، 41 هزار 120 رهائيشي ملڪيتون تباهه ٿي ويون.

فلسطيني صحت واري وزارت وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته يهودي فوج جي بمباري ۾ 94 سرڪاري عمارتون تباهه ٿيون ۽ 41 مسجدون به شهيد ٿي ويون آهن.

صحت واري وزارت  جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 253 اسڪولن جون عمارتون به تباهه ٿي ويون،  جڏهن ته 25 سيڪڙو زرعي ايراضي به تباهه ٿي وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون