فلسطيني ويڙهاڪ تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊز 70 يرغمالي ٻارڙن ۽ عورتن کي آزاد تي مشروط راضپو ظاهر ڪيو آهي.
عرب ميڊيا موجب القسام برگيڊز جي ترجمان ابو عبيده آڊيو پيغام جاري ڪندي ٽياڪڙي ڪندڙ قطر کي ٻڌايو آهي ته هو اسرائيل سان 5 ڏينهن جي جنگبندي جي بدلي غزا ۾ قيد 70 عورتن ۽ ٻارڙن کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
ابو عبيده وڌيڪ چيو ته 5 ڏينهن تائين نه صرف مڪمل جنگبندي ۽ انساني امداد جي اجازت هئڻ گهرجي.