ڊيرا غازي خان ۾ دهشتگردن جي خانگي ڪمپني جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 سول ملازم ۽ هڪ سپاهي شهيدٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب ڊي آءِ خان جي علائقي درازنده ۾ دهشتگردن هڪ خانگي ڪمپني جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه بيگناهه سول ملازم شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سول ملازم خانگي ڪمپني جي ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا هئا جن جي سڃاڻپ محمد فيصل ۽ آصف ڪامران طور ٿي آهي جن جو تعلق ڪرڪ سان هو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سپاهي شاهين شاهه به دهشتگردن سان وڙهندي شهادت ماڻي آهي، جيڪو پروجيڪٽ تي سڪيورٽي تي فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪورٽي فورسز خيبر ضلعي جي علائقي باڙا ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ قدرت شاهه عرف ابوبڪر جي نالي سان ٿي آهي، دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ آيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد دهشتگردي جي مختلف ڪاررواين ۾ ملوث هو.