ڊيرا مراد جمالي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو.
وارڊ نمبر 18 ۾ جوابدارن پراڻي دشمني تان گوليون هڻي نصيب الله ڊومڪي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.