حيدرآباد گيريزن پاران اقبال بيت بازي جا انٽر يونيورسٽي مقابلا ڪرايا ويا

- Advertisement -
حيدرآباد گيريزن پاران اقبال بيت بازي جا انٽر يونيورسٽي مقابلا ڪرايا ويا. پاڪستان آرمي پاران علامه اقبال کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شاگردن ۾ بيت بازي جا مقابلا ڪرايا ويا. بيت بازي جي مقابلن لاءِ حيدرآباد ريجن جي 14 يونيورسٽين مان 16 ٽيمن کي دعوت ڏني وئي. بيت بازي جي مقابلن ۾ هر يونيورسٽي مان 15 شاگردن حصو ورتو، جڏهن ته مجموعي طور تي 210 شاگردن حصو ورتو. تعليمي ماهرن تي ٻڌل جيوري مقابلن جي نتيجن جو اعلان ڪيو. جيوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شازرا حسين، اردو شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر عتيق احمد جيلاني، ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر تنظيم الفردوس شامل هئا. بيت بازي جي مقابلن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پهرين ۽ پمس يونيورسٽي جي شاگردن  ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ سان شاگردن جي صلاحيتن ۽ جذبي ۾ اضافو ٿيندو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
18%
2.9m/s
2%
اربع
26 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون