تازه ترين

حيدرآباد گيريزن پاران اقبال بيت بازي جا انٽر يونيورسٽي مقابلا ڪرايا ويا

حيدرآباد گيريزن پاران اقبال بيت بازي جا انٽر يونيورسٽي مقابلا ڪرايا ويا.

پاڪستان آرمي پاران علامه اقبال کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ شاگردن ۾ بيت بازي جا مقابلا ڪرايا ويا.

بيت بازي جي مقابلن لاءِ حيدرآباد ريجن جي 14 يونيورسٽين مان 16 ٽيمن کي دعوت ڏني وئي.

بيت بازي جي مقابلن ۾ هر يونيورسٽي مان 15 شاگردن حصو ورتو، جڏهن ته مجموعي طور تي 210 شاگردن حصو ورتو.

تعليمي ماهرن تي ٻڌل جيوري مقابلن جي نتيجن جو اعلان ڪيو.

جيوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر شازرا حسين، اردو شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر عتيق احمد جيلاني، ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر تنظيم الفردوس شامل هئا.

بيت بازي جي مقابلن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پهرين ۽ پمس يونيورسٽي جي شاگردن  ٻي پوزيشن حاصل ڪئي.

ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته اهڙو پليٽ فارم فراهم ڪرڻ سان شاگردن جي صلاحيتن ۽ جذبي ۾ اضافو ٿيندو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
6.1 ° C
6.1 °
6.1 °
21 %
2.2kmh
100 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون