پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ن ليگ سهارو نه ڳولي، پنهنجي ٻــَلهه تي سياست ڪري، ميان صاحب کي صلاح آهي ته هو پنجاب، تي ڌيان ڏي پنجاب ۾ ننڍي چونڊ هارائيندڙ کين ڇا سرپرائيز ڏيندا، ٻڌو آهي ته سنڌ ۾ بدليون ۽ مقرريون پئسا وٺي ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو ڪامورو غلط ڪم ڪري رهيو آهي ته ڀــُـل آهي ته هو اقتدار ۾ اچي وساري ڇڏيندا.
مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جهڙو نگران وڏو وزير ٻيو ڪنهن به صوبي ۾ ناهي، ڀروسو آهي ته نگران وڏو وزير سنڌ سان ڪا زيادتي ٿيڻ نه ڏيندو.
هن چيو ته ڊاڪٽر اديب رضوي تي اکيون ٻوٽي اعتبار ڪري سگهجي ٿو، فنڊ نه ملڻ سبب برساتي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت جو ڪم سست رفتاري جو شڪارٿي ويو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ٻڌو آهي ته سنڌ ۾ بدليون ۽ مقرريون پئسا وٺي ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو ڪامورو غلط ڪم ڪري رهيو آهي ته ان جي ڀــُـل آهي ته هو اقتدار ۾ اچي وساري ڇڏيندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ن ليگ سهارو نه ڳولي، پنهنجي ٻــَلهه تي سياست ڪري، ميان صاحب کي صلاح آهي ته هو پنجاب تي ڌيان ڏي، پنجاب ۾ ننڍي چونڊ هارائيندڙ کين ڇا سرپرائيز ڏيندا.
پ پ چيئرمين چيو ته پي ڊي ايم حڪومت جو ساٿ ڏيڻ وقت جي ضرورت هئي، سياسي مفاد سامهون رکجن ها ته فيصلو ٻيو هجي ها.
هن چيو ته هو پاڪستان ۾ عوام دوست حڪومت چاهن ٿا، گارگند ۽ انتقام واري سياست سندس تربيت ناهي، چونڊن لاءِ هو ڪنهن اداري ڏانهن نه پيا ڏسن، ڪنهن سان ڪو جهيڙو به ناهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ قسم جي فيلڊ سجائي پئي وڃي، پ پ پچ تي کيڏڻ لاءِ تيار آهي اميد آهي ته هو کٽيندا.
پ پ چيئرمين چيو ته ٿرپارڪر جي هر تعلقي ۾ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مايوسي سبب آپگهات جا واقعا سمورين سياسي پارٽين لاءِ شرم جوڳي ڳالهه آهي، معاشي مسئلن ۽ مايوسي سبب ماڻهو آپگهات ڪري رهيا آهن، اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهن کي زميني حقيقتن جو اندازو ئي ناهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ٿر کان ڪراچيءَ تائين ريلوي لائن وڇائي ويندي، هن سڄي دنيا ۾ ٿر جي ترقياتي ڪمن جا مثال ڏنا