اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين  خلاف سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائل روڪڻ جو حڪم

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ، پي ٽي آءِ چيئرمين  خلاف سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف  سائفر ڪيس جي اڊيالا جيل ۾ ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته هو ڄاڻڻ چاهن ٿا ته اهڙيون ڪهڙيون غير معمولي حالتون هيون جو ٽرائل اهڙيءَ ريت هلايو پي وڃي. اٽارني جنرل چيو ته هو سمورن لاڳاپيل ادارن کان رڪارڊ وٺي عدالت آڏو رکندو، ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته بادي النظر ۾ ٽئي نوٽيفڪيشن هائيڪورٽ   جي لاڳاپيل رولز موجب ناهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ڪهڙي بنياد تي فيصلو ٿيو ته جيل ٽرائل ٿيندو؟ ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد هائيڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي جيل ۾ ٽرائل تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي سورهن نومبر تائين ڪيس جي جيل ۾ ٻڌڻي روڪي ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
34%
3.4m/s
1%
خميس
21 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون