اسرائيلي فوج مسلسل بمباري ڪري غزا کي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اسرائيلي فوج مسلسل بمباري ڪري غزا کي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، 189 شهيدن  جي الشفاءَ اسپتال ۾ اجتماعي تدفين ڪئي وئي آهي. اسرائيلي فوج طرفان مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان غزا جي الشفاءَ اسپتال جو گهيراءُ برقرار آهي. بجلي جي جنريٽرن لاءِ ٻارڻ نه هئڻ سبب  مريض تڙپي تڙپي مري رهيا آهن. غزا الشفاءَ اسپتال جي ڊائريڪٽر محمد ابو سلميا موجب الشفاءَ اسپتال ۾ موجود 179 لاشن کي اجتماعي قبر ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اجتماعي قبرن ۾ دفن ٿيل ماڻهن ۾ آءِ سي يو ۾ فوت ٿيل ست تازا ڄاول ٻارڙا ۽ 29 مريض به شامل آهن. اسرائيل جي وحشياڻي بمباري سبب غزا دنيا جي وڏي قبرستان ۾ تبديل چڪو آهي، هر پاسي لاش ئي لاش نظر اچي رهيا آهن. يهودي فوج خان يونس ۾ گهر ٻاهران ويٺل ماڻهن تي بمباري ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪٽنب جا 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيلي فوج جي بمباري سبب غزا جون سموريون اسپتالون بند ٿي ويون جنهن سبب 6 تازا ڄاول ٻارڙا ۽ 9 مريض شهيد ٿي ويا ٿي ويا  آهن الشفا اسپتال ۾ ٽن ڏينهن دوران 32 مريضن سورن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. دوائون، پاڻي، خوراڪ مڪمل طور بند ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي مريض تڙپي تڙپي مرڻ لڳا جنهن ڪري ڊاڪٽر بي يارو مددگار بڻيل آهن. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪندي چيو آهي ته حملي ۾ 21 ماڻهو مارجي ويا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب شهيد ٿيلن جو انگ 11 هزار 240 ٿي ويو آهي، جن ۾ 4 هزار 630 ٻار ۽ 3 هزار 130 عورتون شامل آهن. صحت واري وزارت موجب غزا ۾ طبي عملي جا189 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، 41 هزار 120 رهائيشي ملڪيتون تباهه ٿي ويون. فلسطيني صحت واري وزارت وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته يهودي فوج جي بمباري ۾ 94 سرڪاري عمارتون تباهه ٿيون ۽ 41 مسجدون به شهيد ٿي ويون آهن. صحت واري وزارت  جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 253 اسڪولن جون عمارتون به تباهه ٿي ويون،  جڏهن ته 25 سيڪڙو زرعي ايراضي به تباهه ٿي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
27%
2m/s
0%
جمعو
24 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون