مھانگائي سٽيل عوام لاءِ بجلي مھانگي ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
نگران وفاقي سرڪار مھانگائي سٽيل عوام تي ھڪ ٻيو بجلي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون.
نيپرا جولاءِ کان سيپٽمبر 2023ع جي ٽھ ماھي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي وڌيڪ مھانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي.
ٻڌڻي نيپرا چيئرمين وسيم مختار ڪئي، بجلي مھانگي ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو.
نيپرا اختيارين موجب درخواست تحت ٽھ ماھي جي لاءِ في يونٽ ھڪ رپيو 25 پئسا اضافو ٺھي ٿو، وڌيڪ جاچ پڙتال بعد فيصلو جاري ڪيو ويندو.
بجلي ڪمپنين 22 ارب 92 ڪروڙ رپيا وصوليءَ جي درخواست ڪئي.