تازه ترين
پاڪستان چين کي شڪست ڏئي ايشن هاڪي چيمپئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڏهن ميمبرن کي پارليامينٽ هائوس پهچايو ويو پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ روز روز قرض جي درخواستن سان اهميت گهٽ ٿيندي آهي: وزيراعظم شهبازشريف وزيراعظم شهبازشريف سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات سنڌ سرڪار اليڪٽرڪ ٽيڪسيون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون بچاءَ واري وزير خواجه آصف خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي بيان کي وفاق تي حملو قرار ڏئ... سنڌ جي گهرو کاتي 12 ربيع الاول ۽ چپ تعزيتي جي جلوس تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو اسلام آباد هائيڪورٽ پي ٽي آءِ جي گرفتار پارليامينٽ ميمبرن جي جسماني رمانڊ جو فيصلو معطل قومي معاملن تي اتفاق راءِ ضروري آهي: قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ گم ٿيل شهرين جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس گهرائڻ جو حڪم

نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي جنهن ۾ 6 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.

وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، ان کان علاوه نار ملن سان فري ٽريڊ ايگريمينٽ جي پنجين دور بابت معاملن جو جائزو ورتو ويندو.

اجلاس دوران پاڪستان بزنس ويزا آن لائين لسٽ ۾ وڌيڪ ملڪن کي شامل ڪرڻ جي منظوري ورتي ويندي، ان سان گڏ آزاد ڄمون ڪشمير ڪائونسل جي 2023 کان 2024 جي لاءِ بجيٽ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته معمولي تبديلي سان حج پاليسي 2024 هڪ ڀيرو ٻيهر ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، بينڪن کي مالي سال 2021 کان 2022 ۾ ناڻي جي مٽا سٽا جي غيرمعمولي منافعي تي ٽيڪس جي منظوري به ايجنڊا جو حصو آهي.

وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اي سي ايل مان نالا ڪڍڻ ۽ شامل ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويندو جڏهن ته بجلي ڪمپنين جي آفيسرن لاءِ مفت بجلي سهولت ختم ڪرڻ لاءِ بجلي سهولت ختم ڪرڻ جي معاملي تي توانائي بابت ڪابينا ڪاميٽي جي فيصلي جي منظوري ڏني ويندي……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
117,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
28 %
2.6kmh
0 %
خميس
24 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
27 °
آچر
26 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون