پهرين سيمي فائنل ۾ هاٽ فيورٽ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ ۾ مقابلو اڄ ٿيندو

- Advertisement -
آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جو پهريون سيمي فائنل اڄ ميزبان ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي. ممبئي جي وانکيڙي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيولڊ پهريون سيمي فائنل پاڪستاني وقت موجب منجهند ڏيڍ وڳي شروع ٿيندو. اهم مقابلي کان اڳ ٻنهي ٽيمن ڀرپور پريڪٽس ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن پاران ڪاميابي جو عزم ورجايو ويو. ميگا ايونٽ ۾ ناقابلِ شڪست رهندڙ ڀارت آخري ڀيرو ٻه هزار يارنهن ۾ ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو، ان کانپوءِ 2015ع ۽ 2019ع ۾ ڀارتي ٽيم جو سفر سيمي فائنل تائين پهتو جتي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمون سوڀاريون رهيون. 2019 واري ورلڊ ڪپ جي رنر اَپ نيوزيلينڊ ٻه هزار ست کانپوءِ لڳاتار پنجون ڀيرو ناڪ آئوٽ اسٽيج لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. ڪيوي ٽيم 2007، 2011، ۾ سيمي فائنل کيڏڻ جو اعزاز حاصل ڪيو جڏهن ته 2015 ۽ 2019ع واري عالمي ڪپ ۾ رنر اَپ رهي چڪي آهي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
37%
3m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون