تازه ترين

بلوچستان ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي: شهباز شريف

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اتفاق، اتحاد ۽ سهڪار اڻٽر آهي، بلاول ڀٽو زرداري ننڍي ڀاءُ جيان آهي 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، ملڪ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي وزيراعظم جي چونڊ ڪندو، هو هڪ ايٽمي طاقت آهن پر معاشي طور تي هاڻي تبديلي جي ضرورت آهي، لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ نون ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي.

ڪوئيٽا ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف سراوان هائوس ۾ اسلم رئيساڻي ۽ نوابزاده لشڪري رئيساڻي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق ۽ ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي.

ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عام چونڊن، مستقبل ۾ سياسي سهڪار ۽ رابطا بحال رکڻ سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

شهباز شريف جي آمد تي نواب اسلم رئيساڻي ڀليڪار ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي نوابزاده لشڪري رئيساڻي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ نون ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي، بلاول ڀٽو زرداري ننڍي ڀاءُ جيان آهي 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته بلوچستان ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اتفاق، اتحاد ۽ سهڪار اڻٽر آهي.

اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي وزيراعظم جي چونڊ ڪندو، هو هڪ ايٽمي طاقت آهن پر معاشي طور تي هاڻي تبديلي جي ضرورت آهي، هڪ ٻئي تي الزامن بدران اڳتي وڌڻ گهرجي.

نوابزاده لشڪري رئيساڻي چيو ته مسلم ليگ نون جي آڇ تي صلاح مشوري بعد جلد فيصلو ڪيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون