تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

بلوچستان ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي: شهباز شريف

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اتفاق، اتحاد ۽ سهڪار اڻٽر آهي، بلاول ڀٽو زرداري ننڍي ڀاءُ جيان آهي 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي، ملڪ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي وزيراعظم جي چونڊ ڪندو، هو هڪ ايٽمي طاقت آهن پر معاشي طور تي هاڻي تبديلي جي ضرورت آهي، لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ نون ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي. ڪوئيٽا ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف سراوان هائوس ۾ اسلم رئيساڻي ۽ نوابزاده لشڪري رئيساڻي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق ۽ ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عام چونڊن، مستقبل ۾ سياسي سهڪار ۽ رابطا بحال رکڻ سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. شهباز شريف جي آمد تي نواب اسلم رئيساڻي ڀليڪار ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نوابزاده لشڪري رئيساڻي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته لشڪري رئيساڻي کي مسلم ليگ نون ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي، بلاول ڀٽو زرداري ننڍي ڀاءُ جيان آهي 16 مهينا گڏجي ڪم ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۽ قوم کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ اتفاق، اتحاد ۽ سهڪار اڻٽر آهي. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جو عوام پنهنجي ووٽ ذريعي وزيراعظم جي چونڊ ڪندو، هو هڪ ايٽمي طاقت آهن پر معاشي طور تي هاڻي تبديلي جي ضرورت آهي، هڪ ٻئي تي الزامن بدران اڳتي وڌڻ گهرجي. نوابزاده لشڪري رئيساڻي چيو ته مسلم ليگ نون جي آڇ تي صلاح مشوري بعد جلد فيصلو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.9 ° C
20.9 °
20.9 °
36 %
2.3kmh
80 %
آچر
21 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون