مسلم ليگ ن سنڌ ۾ مختلف سياسي اڳواڻن سان رابطن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي.
ن ليگ جي صدر بشير احمد ميمڻ جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي سان ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي بشير ميمڻ، مرتضيٰ جتوئي کي ن ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جتوئي ڪٽنب سياسي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ن ليگ ۾ شموليت جو قطعي فيصلو ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جتوئي ڪٽنب کي ن ليگ ۾ شموليت لاءِ پهريان به اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي چڪي آهي