تازه ترين

سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن درياهه ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ بعد جلد ڌاريلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ تي اتفاق  ڪيو

سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن درياهه ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ بعد جلد ڌاريلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ تي اتفاق  ڪيو، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته ڪچي ۾ گڏيل آپريشن لاءِ ضروري هٿيارن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا آءِ جيز جيئن ئي تياريون مڪمل قرار ڏيندا ته آپريشن شروع ڪيو ويندو. .

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان پنجاب جي نگران  وڏي وزير محسن نقويءَ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڪچي ۾ آپريشن  بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سنڌ ۽ پنجاب جي نگران وڏن وزيرن درياهه ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ بعد جلد ڌاريلن خلاف گڏيل آپريشن ڪرڻ تي اتفاق  ڪيو.

نگران وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ گڏيل آپريشن لاءِ ضروري هٿيارن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جا آءِ جيز جيئن ئي تياريون مڪمل قرار ڏيندا ته آپريشن شروع ڪيو ويندو.

ملاقات دوران ڪمند جي اگهه تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ هوته ڪمند جو اگهه 425 رپيا في مڻ مقرر ڪيو آهي، پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڪمند جي پوکي تي وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو، ڪڻڪ جي بهتر فصل لاءِ 4 هزار رپيا في مڻ اگهه برقرار رکيو آهي.

ملاقات دوران ٻنهي وڏن وزيرن ڪراچي جي مختلف منصوبن تي به ڳالهيون ڪيون.

پنجاب جي نگران وڏي وزير جو چوڻ هوته لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جي ٽيم جلد ڪراچيءَ جو دورو ڪندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون