تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ  14 فلسطيني شهري شهيد ۽  ڪيترائي زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ  14 فلسطيني شهري شهيد ۽  ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب ميڊيا موجب يهودي فوج اڄ 40 هين ڏينهن به غزا تي حملا جاري رکيا خان يونس ۽ وچ غزا ۾ گهرن تي حملن ۾ وڌيڪ 14 فلسطيني شهري شهيد ۽  ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. اسرائيلي فوج پاران غزا تي 7 آڪٽوبر  کان هن وقت تائين حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 11 هزار 500  کان وڌي ويو آهي. يهودي فوج غزا ۾ حماس جي انتظام هيٺ پارليامينٽ جي عمارت کي به ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو آهي. يهودي فوج ڪيترن ئي ڏينهن کان غزا کي گهيري هيٺ آڻڻ بعد الشفا اسپتال تي قبضو ڪري ورتو ۽ 200 فلسطيني شهرين کي  گرفتار ڪري ورتو آهي. اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جي ايمرجنسي ۽ سرجيڪل وارڊز جي تلاشي پڻ ورتي، جڏهن ته ڊاڪٽر مريضن کي ڇڏي اسپتال مان نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ تازن ڄاول ٻارن کي ٻين وارڊن ۾ منتقل ڪيو ويو . اسرائيلي ريڊيو موجب اسپتال مان ڪو به يرغمال ناهي مليو ، اسرائيلي فوج اسپتال مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن ۽ حماس اسرائيلي فوج جي دعويٰ کي ڪوڙو قرارڏنو آهي. حماس الشفا اسپتال تي حملي جي ذميواري آمريڪي صدر جوبائيڊن تي مڙهي آهي . اسرائيلي عملدارن موجب غزا ۾ زميني آپريشن دوران القسام سان ويڙه دوران 2 فوجي مارجي ويا آهن، هن وقت تائين زميني آپريشن دوران 51 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
16.4 ° C
16.4 °
16.4 °
20 %
1.4kmh
87 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون