اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 14 فلسطيني شهري شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب يهودي فوج اڄ 40 هين ڏينهن به غزا تي حملا جاري رکيا خان يونس ۽ وچ غزا ۾ گهرن تي حملن ۾ وڌيڪ 14 فلسطيني شهري شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
اسرائيلي فوج پاران غزا تي 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين حملن ۾ شهيد فلسطينن جو انگ 11 هزار 500 کان وڌي ويو آهي.
يهودي فوج غزا ۾ حماس جي انتظام هيٺ پارليامينٽ جي عمارت کي به ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو آهي.
يهودي فوج ڪيترن ئي ڏينهن کان غزا کي گهيري هيٺ آڻڻ بعد الشفا اسپتال تي قبضو ڪري ورتو ۽ 200 فلسطيني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جي ايمرجنسي ۽ سرجيڪل وارڊز جي تلاشي پڻ ورتي، جڏهن ته ڊاڪٽر مريضن کي ڇڏي اسپتال مان نڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ تازن ڄاول ٻارن کي ٻين وارڊن ۾ منتقل ڪيو ويو .
اسرائيلي ريڊيو موجب اسپتال مان ڪو به يرغمال ناهي مليو ، اسرائيلي فوج اسپتال مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن ۽ حماس اسرائيلي فوج جي دعويٰ کي ڪوڙو قرارڏنو آهي.
حماس الشفا اسپتال تي حملي جي ذميواري آمريڪي صدر جوبائيڊن تي مڙهي آهي .
اسرائيلي عملدارن موجب غزا ۾ زميني آپريشن دوران القسام سان ويڙه دوران 2 فوجي مارجي ويا آهن، هن وقت تائين زميني آپريشن دوران 51 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن.