تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي  ٿي پيا.

ڪراچي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آهي.

ڪريم آباد ۾ آغا خاني جماعت خاني ويجهو گاڏي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد ماءُ ۽ پٽ جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

ماءُ ۽ پٽ جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

جيڪب آباد ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ پيرسن عورت فوت ٿي وئي آهي.

نادرا آفيس سامهون سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ايندڙ پيرسن عورت مٿان مزدا چڙهي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ وزيران زال عيدن انڙ سخت زخمي ٿي پئي.

پيرسن عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

وزيران زال عيدن انڙ جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

پوليس مزدا کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

کورواهه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

بٺورو روڊ تي تيز رفتاري سبب ڪار کاهي ۾ ڪري پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ زاهدان زال علي ميمڻ فوت ٿي وئي جڏهن ته ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

زاهدان زال علي ميمڻ جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

نيو سعيد آباد ويجهو روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل پورهيت اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

رات قومي شاهراهه تي ٻاروچو باغ وٽ ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو هو.

حادثي جي نتيجي ۾ رحمت علي سولنگي سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.

زخمين مان رحمت علي سولنگي لمس اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

رحمت علي سولنگي جو مڙهه هالا جي ڳوٺ الله بخش پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون