اسرائيلي فوج غزا ۾ مسجد تي حملو ڪري 50 نمازين کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي جهازن وچ غزا جي علائقي سبرا ۾ مسجد تي بمباري ڪئي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي وقت مسجد ۾ نماز جاري هئي ۽ مسجد نمازين سان ڀريل هئي.
عرب ميڊيا موجب، مسجد تي حملي جي نتيجي ۾ 50 نمازي شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
يهودي فورسز طرفان اردني فيلڊ اسپتال تي هوائي حملو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ست ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جي الشفا اسپتال ۾ داخل ٿي.
اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جي ڏاکڻي داخلي رستي جي ڪجهه حصن کي تباهه ڪري ڇڏيو جڏهن ته بيسمينٽ سميت مختلف حصن جهڙتي دوران نه ڪو يرغمالي مليو نه ئي ڪنهن سرنگهه جو ڪوبه نشان هٿ آيو.
اسرائيلي فوج طرفان الشفا اسپتال مان حماس جا هٿيار ۽ يونيفارم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي جڏهن ته اسرائيلي دعويٰ کي ڊاڪٽرن ۽ حماس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.
اسرائيلي فوج جي اڪائونٽ تان ترديد جوڳي ثبوت طور پوسٽ ڪيل الشفا اسپتال جي وڊيو ڊليٽ ڪئي وئي، ايڊيٽنگ ۽ ڪجهه شيون شيون لڳائي ٻيهر نشر ڪرڻ تي اسرائيلي دعوائن تي شڪ شبا وڌي ويا.
الجزيره موجب، الشفا اسپتال مان رپورٽنگ ڪندڙ آمريڪي ٽي وي رپورٽر ۽ اسرائيلي دعوائن ۾ ٽڪراءُ سامهون اچي ويو جڏهن ته قطر غزه جي اسپتالن تي حملن جي عالمي جاچ جو مطالبو ڪندي ۽ الشفا اسپتال جي اندر اسرائيل جي تازي ڪارروائي کي “جنگي ڏوهه” قرار ڏئي ڇڏيو.
غزه تي اسرائيلي فوج جي بمباري کي 40 ڏينهن گذري ويا آهن ۽ هن وقت تائين 11 هزار 500 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 25 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
اسرائيلي فوج اسڪولن، اسپتالن ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن تي به بمباري ڪري فلسطينين کي شهيد ڪيو جڏهن ته اولهه ڪناري ۽ خان يونس سميت ٻين علائقن ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن.