اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته هنن ڌمڪين سامهون جهڪڻ کان انڪار ڪيو، پاڪستان جي مفاد ۾ بي خوف ٿي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو، 1998ع ۾ ائٽمي ڌماڪي ڪرڻ کانپوءِ ڳالهه ملڪي مفاد جي هجي ته ذاتي مفادن جي پرواهه نه ڪئي ويندي آهي، ملڪ کي بچائڻ لاءِ جيڪو ڪرڻو پوي ڪري رهيا آهن، گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي سستي ڪرڻي پوندي.
لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ن ليگ دور جون پاليسيون جاري رهن ها ته اڄ ملڪ جي ترقي جي رفتار ڪيترو ئي اڳتي هجي ها.
سندس چوڻ هو ته هو ملڪ کي معاشي ڏکيائين کي سمجهن ٿا، عوام کي مهانگائي، غربت کا ڇوٽڪارو ڏيارڻ سندن ذميواري ۽ فرض آهي، هميشه واپارين سان صلاح مشورا ڪيا ۽ هاڻي به صلاح مشوري سان اڳتي وڌندا.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندن ٺاهيل پاليسين تي ملڪ جي ڪاروباري برادري ڀرپور عمل ڪيو، سندن ٺاهيل پاليسين تي ڀارت عمل ڪيو ۽ معاشي ترقي حاصل ڪئي، 1990ع کانپوءِ ن ليگ ڪاروبار جي روايتي دائرن کان آزادي ڏياري ٻيا ملڪ به ان مرحلن مان گذريا.
هن چيو ته ن ليگ پاليسيون ٺاهيون ته خزانو به ڀرجڻ شروع ٿي ويو، انڊسٽري ۾ ايندڙ پيسن جي باري ۾ نه پڇڻ جي پاليسي هئڻ گهجي، جيڪڏهن ماڻهو ترقي، صحت۽ تعليم گهرن ٿا ته اهو سندن حق آهي اهي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته هو 2022ع ۾ حڪومت ۾ اچڻ لاءِ تيار نه هئا پر ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائڻ ضروري هو، شهباز شريف جي استعيفيٰ ڏيڻ جي تقرير تيار هئي، هن تقرير ڏسي ورتي هئي هو ملڪ کي ترقي ڏيارن ٿا بعد ۾ جلاوطني ۽ قيد به ڪاٽن ٿا.
سندس چوڻ هو ته هنن پاڻ پنهنجي پارليامينٽ ۽ وزيراعظمن سان زيادتيون ڪيون پوءِ ملڪ ڪنهن جي حوالي ڪيو ويو، رپيو، معيشيت ۽ سمورو نظام تباهي جو شڪار ٿي ويو.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندن دور ۾ جنهن جو هڪ هزار رپيا بل ايندو هو هاڻي 15 هزار رپيا بل اچي رهيو آهي، 2013ع کان 2017ع تائين پاڪستان دنيا جي چوويهين معيشيت بڻجي چڪو هو.
هن چيو ته هنن ڊالر کي چئن سالن تائين 104 رپين تي رکيو، سندن دور جي ترقي ۽ پاليسي جاري رهي ها ته ڊالر اڄ چاليس يا پنجاهه رپين جو هجي ها، 1998ع ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته اسلامي ملڪ پاڪستان کي پنهنجو سنڀاليندڙ سمجهڻ لڳا.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اڄ اها حالت ٿي وئي آهي هڪ هڪ ارب ڊالر لاءِ محتاج ٿي ويا آهن، اها ڪهاڙي هنن پنهنجي پيرن تي پاڻ هنئي آهي هي خراب حالتون پنهنجي فيصلن سبب پيدا ٿينديون آهن.