صدر عارف علويءَ چيو آهي ته ڪو شق ناهي ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، چونڊن جي تاريخ تي ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي، فوج ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين وچ ۾ ٺاهه ۾ ناڪاميءَ جا ڪيترائي سبب هئا، 9 مئي واقعن جي مذمت ڪئي، تشدد جي سياست تي هو يقين نه ٿو رکي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي اليڪشن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي، هو ڪنهن پارٽيءَ نه پر هر پاڪستاني جو ترجمان آهي، نوازشريف وزيراعظم چونڊجي آيو ته قسم کڻائڻ واري گهرج هو پوري ڪندو.
آمريڪي نشرياتي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر عارف علوي چيو ته عدليا، انتظاميا ۽ سياسي اڳواڻ وقت سر چونڊن تي متفق آهن، ڪو شق ناهي ته عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون.
هن چيو ته چونڊن جي تاريخ تي ڪا به ڪوتاهي ناهي ڪئي، اتفاقِ راءَ سان اليڪشن جي تاريخ تي هو سپريم ڪورٽ جي واکاڻ ڪري ٿو.
ڊاڪٽر عارف علويءَ چيو ته نوازشريف وزيراعظم چونڊجي آيو ته قسم کڻائڻ واري گهرج هو پوري ڪندو، سياستدان ۽ اسٽيبلشمنٽ گڏجي ڪم ڪن ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.
صدر چيو ته ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جي ذميوري آهي، خط لکي رڳو پي ٽي آءِ جي خدشن بابت ڌيان ڇڪايو.
سندس چوڻ هو ته فوج ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين وچ ۾ ٺاهه ۾ ناڪاميءَ جا ڪيترائي سبب هئا، پي ٽي آءِ چيئرمين جي اليڪشن ۾ شموليت جو فيصلو عدالت ۾ آهي.
ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اليڪشن شفاف بڻائڻ لاءِ آئين صدر کي عملي قدم جي اجازت نه ٿو، اميدون پنهنجي جاءِ تي پر ڪو به اهڙو قدم نه ٿو کڻي سگهجي جنهن جي آئين اجازت نه ڏي.
هن چيو ته هو ڪنهن پارٽيءَ نه پر هر پاڪستاني جو ترجمان آهي، 9 مئي واقعن جي مذمت ڪئي ۽ هو تشدد جي سياست تي يقين نه ٿو رکي، حڪومتن کي گهرجي ته اهڙيون حالتون پيدا نه ڪن جو احتجاج تي تشدد ٿي وڃي.
صدر چيو ته عام شهرين جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلڻ وارو معاملو عدالت ۾ آهي، ان تي وقت کان اڳ راءِ نه ڏيڻ گهرجي.
پناهگيرن بابت صدر عارف علويءَ چيو ته دنيا پناهگيرن جو بار ونڊڻ ۾ پاڪستان جي مدد نه ڪئي، غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي جو فيصلو مناسب قدم آهي، معيشت هاڻي پناهگيرن جو بار نه ٿي کڻي سگهي، ايپڪس ڪميٽي غير قانوني پرڏيهين جي واپسيءَ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي.