تازه ترين

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي  گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي  گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت جو چوڻ آهي ته فيض آباد ڌرڻو ڪيس جو فيصلو پرتشدد واقعن جي نشاندهي ڪري رهيو هو، فيصلي کي مختلف حڪومتن پنج سال نظرانداز ڪيو، نظرثاني درخواستون مقرر نه ٿيڻ سبب فيصلي تي عمل نه ٿي سگهيو قوم ناانصافي  9 مئي واقعن جي صورت ۾ ڀوڳي، سپريم ڪورٽ ايڏا سال ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ذميواري قبول ڪري ٿي، فيصلي تي عمل نه ڪرائيندڙن کي خلاف ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي     گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو.

حڪم نامي ۾  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس 9 مئي جي واقعن جو حوالو ڏنو.

سپريم ڪورٽ چيو ته ماضيءَ جي پرتشدد واقعن جو ڪنهن کي به ذميوار قرار نه ڏنو ويو نه ئي ڪا ڪارروائي ٿي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي ته فيصلي تي عمل نه ٿيڻ سان ذاتي مقصدن لاءِ پرتشدد واقعا ڪرڻ معمول ٻنيو.

سپريم ڪورٽ چيو ته آزاد عدليا لاءِ جدوجهد ڪندڙ متاثرن سان ناانصافي ٿي، فيصلي تي عمل نه ٿيڻ سان بهتر پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪندڙن سان به ناانصافي ڪئي وئي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته قوم ناانصافي  9 مئي واقعن جي صورت ۾ ڀوڳي، سپريم ڪورٽ ايڏا سال ڪيس مقرر نه ڪرڻ تي ذميواري قبول ڪري ٿي، عدالت پاڻ تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڦير ڦار تسليم ڪري ٿي.

سپريم ڪورٽ چيو ته عدالت قرار ڏي ٿي ته ماضيءَ جو غلطيون نه ورجايون وينديون، سچ آزاد ڪري ادارن کي مضبوط بڻائي ٿو، حق پهچائڻ پاڪستاني عوام جو حق آهي، هر اداري جو فرض آهي ته اهو ذميواري ۽ شفافيت جو مظاهرو ڪري.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ادارن کان غلطي هجي ته ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي، غلطين کي نظراندا ڪرڻ ۽ دٻائڻ عوامي مفاد خلاف آهي.

سپريم ڪورٽ چيو ته ادارن کي داغدار ڪندڙ ادارن کي نقصان پهچائن ٿا، اهو ياد ڏيارڻ ضروري ناهي ته سپريم ڪورٽ جي هر حڪم تي عمل ڪرائڻ ضروري آهي.

حڪم نامي ۾ چيو ويو ته فيض آباد ڌرڻو ڪيس جي فيصلي تي سموريون نظرثاني درخواستون واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلايون ويون آهن، هاڻي ڏسڻو پوندو ته فيصلي تي عمل نه ڪرائيندڙن کي خلاف ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون