تازه ترين

باليووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر مداح کي چماٽ وھائي ڪڍڻ تي ھٿ ٻڌي معافي وٺي ڇڏي

باليووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر مداح کي چماٽ وھائي ڪڍڻ تي ھٿ ٻڌي معافي وٺي ڇڏي.

اداڪار جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

نانا پاٽيڪر جي فلم ”journey“ جي شوٽنگ دوران ھڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي سامھون آئي جنھن ۾ کيس سيلفي وٺڻ لاءِ ايندڙ مداح کي چماٽ ھڻندي ڏسي سگھجي ٿو.

ڀارتي ميڊيا موجب وائرل وڊيو ڀارت جي شھر وراناسي جي آھي جنھن کي نانا پاٽيڪر جي ايندڙ فلم ”journey“ لاءِ سيٽ طور استعمال ڪيو ويو.

وڊيو ۾ نانا پاٽيڪر کي ماڻھن جي ميڙ جي وچ ۾ ڏسي سگھجي ٿو، ان دوران ھڪ نوجوان نانا پاٽيڪر جي ويجھو اچي سيلفي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تھ نانا پاٽيڪر کيس چماٽ وھائي ڪڍي ٿو.

وڊيو جي وائرل ٿيڻ بعد اداڪار نانا پاٽيڪر کي مداح سان غير مناسب رويو رکڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.

نانا پاٽيڪر وڊيو بيان ۾ مداح کان معافي گھري ورتي.

وڊيو بيان ۾ نانا پاٽيڪر چيو تھ چماٽ لڳائڻ فلم جي اسڪرپٽ جو حصو ھو جنھن جي ريھرسل ڪئي پئي وئي تھ نوجوان آيو تھ ھن کيس چماٽ وھائي ڪڍي .

نانا پاٽيڪر جو چوڻ ھو تھ بعد ۾ احساس ٿيو تھ نوجوان اھو نھ ھو، کيس گھرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو ھليو ويو ھو، اڄ تائين ھن ڪنھن مداح کي تصوير لاءِ نھ روڪيو آھي، جيڪو ٿيو غلط فھمي جي بنياد تي ٿيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون