آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

- Advertisement -
ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا دلچسپ مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا کي ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ڏکڻ آفريڪي ٽيڪ هڪ ڀيرو ٻيهر “چوڪر “ ثابت ٿي وئي، سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کان شڪست ملڻ بعد ڏکڻ آفريڪا جو پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ فائنل کيڏڻ جو خواب هن ڀيري به پورو نه ٿي سگهيو. ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏي ويل ورلڊ ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان ٽمبا باووما ٽاس کٽي پهريان بيٽن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 24رنسن تي چار رانديگر آئوٽ ٿيڻ بعد ڊيوڊ ملر 101 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي، جڏهن ته  سموري ٽيم 212 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. 213رنسن جي جواب ۾ آسٽريليا کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو پر آخري اوورن ۾ ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ڪاميابي ماڻي. آسٽريليا ستن وڪيٽن جي نقصان تي 48 هين اوور ۾ هدف پورو ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. مچل اسٽارڪ 38 بالن تي 19 رنسون ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز 29 بالن تي 14 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. واضح رهي ته ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارت نيوزلينڊ کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪوائيفاءِ ڪيو هو. آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ورلڊ ڪپ جو فائنل 19 نومبر آچر جي ڏينهن احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو ……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
24%
2.4m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون