پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ پارٽي گمراهه ٿي رهي آهي، پليئنگ فيلڊ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي پارٽين لاءِ هئڻ گهرجي، پيپلز پارٽي پنهنجي نه پر ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خواهشمند آهي، ايم ڪيو ايم ڪراچي جي سياست ۾ مرده گهوڙوآهي، ايم ڪيو ايم جي هاڻي حالت پينو فقير واري ٿي وئي آهي.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ صوبي خاص طور راڄڌاني ڪراچي جي عوام ۾ مقبول آهي، وڪيل برادري به اهڙي طرفان پ پ جو حصو بڻجي رهي آهي، خميس ڏينهن 3 سئو وڪيل فورم جو حصو بڻيا.
سندس چوڻ هو ته وڪيل برادري جو جمهوريت ۾ هڪ وڏو ڪردار آهي، ملڪ ۾ جڏهن جڏهن غير جمهوري دور آيا وڪيلن قربانيون ڏنيون.
پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته پ پ پارٽي پهريان کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي، وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جي هوندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم بڻجندو، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ پارٽي گمراهه ٿي رهي آهي، پليئنگ فيلڊ تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي پارٽين لاءِ هئڻ گهرجي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي نه پر ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ صاف ۽ شفاف چونڊن جي خواهشمند آهي، سينيٽ ۾ جڏهن باپ پارٽي ووٽ ڏنا هئا سندن کان گهڻا سوال ٿيا، هاڻي ڪوبه نٿو ڳالهائي.
پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن جي پٺڀرائي ۾ چونڊ نه وڙهنديون، 15 ورهين جي ڳالهه ڪن ٿا ته ياد رکن 2008 کان پهريان ڪراچي شهر جي صورتحال ڪهڙي هئي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي شهر جون حالتون هاڻي بهتر آهن، ايم ڪيو ايم جي دهشت اڳيان ڪوبه نه ڳالهائيندو هو ۽ ميڊيا جي آفيسن تي حملا ٿي ويندا هئا.
پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي سياست ۾ مرده گهوڙوآهي، ايم ڪيو ايم جي هاڻي حالت پينو فقير واري ٿي وئي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم غير جمهوري طاقتن جو سهارو ڳولي رهي آهي ۽ اتحاد لاءِ در در گهمي پئي، پي ايس پي جا چهرا ئي ايم ڪيو ايم ۾ نظر اچي رهيا آهن، خالد مقبول چئي رهيو آهي ته پيپلز پارٽي جي اننگ ختم ٿي وئي، ايم ڪيو ايم جي اننگ ته تمام گهڻو اڳ ئي ختم ٿي وئي هئي.
پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي، سندن سياسي مخالفن جي نشاني تي پ پ هوندي آهي ڪراچيءَ ۾ اهي پيپلز پارٽي کي پنهنجو سڀ کان وڏو مخالف سمجهن ٿا کين وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.