تازه ترين

ملير: يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين ستار جوکيو جو پٽ پراسرار طور گم

ملير جي يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين جو پٽ پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي وارثن سندس ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.

يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين ستار جوکئي جو پٽ ڇهين ڪلاس جو شاگرد وقاص جوکيو پراسرار نموني گم ٿي ويو.

يوسي گهگهر جي وائيس چئيرمين ستار جوکئي جو چوڻ آهي ته ڳولا باوجود وقاص جوکيو جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، وقاص جوکيو آرمي پبلڪ اسڪول ٺٽي ۾ پڙھندو آھي ۽ هاسٽل ۾ رهندو آھي.

هن چيو ته خميس کان وقاص گم آھي، اسڪول انتظاميا جو چوڻ آهي ته کين خبر ناهي وقاص ڪيڏانهن ويو آهي.

يوسي گهگهر جي وائيس چيئرمين ستار جوکئي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته سندس پٽ وقاص جوکيو جي ڳولا ۾ مدد ڪري کيس بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون