- Advertisement -
دادو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل امير بخش گاڏهي واري ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
جوهي پوليس امير بخش گاڏهي جي قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار احمد باهو پوٽو کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
وارثن جي فرياد تي مقتول جي قتل جو ڪيس 6 جوابدارن مٿان جوهي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ جوابدار اصغر باهوٽو، غلام باهوٽو، احمد باهوٽو ۽ ٽن اڻسڃاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٽي سال اڳ پسند جي شادي تان مقتول جي ماروٽ فاروق گاڏهي کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪيس جي پيروي تان جوابدار ڌر امير بخش گاڏهي کي قتل ڪيو.- Advertisement -
