تازه ترين

اسرائيل جو غزا تي ڪنٽرول ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي : نيتن ياهو

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته هو غزا تي قبضي جو ارادو نه ٿا رکن ۽ نه ئي سندن اهو مقصد آهي، الشفا اسپتال ۾ يرغمالين کي رکڻ جون پڪيون شاهديون هيون.

امريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ هو ته پڪيون شاهديون هيون ته حماس يرغمالين کي الشفا اسپتال ۾ باندي بڻائي رکيو هو.

هن چيو ته شاهدين جي بنياد تي اسرائيلي فوج اسپتال ۾ داخل ٿي پر اسرائيلي فوج پهچڻ کان اڳ ئي حماس جا اڳواڻ الشفا اسپتال مان نڪري ويا هئا.

اسرائيلي وزيراعظم جي انٽرويو دوران حڪومت وٽ يرغمال بڻايلن جي حوالي سان انٽيليجنس اطلاعن جي دعويٰ ڪئي پر تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

نيتن ياهو جو چوڻ هو ته هو زميني آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ ان ڊيل جي ويجهو هئا، جيڪڏهن هو پنهنجي يرغمال بڻايل شهرين کي واپس آڻي سگهن ٿا ته هو عارضي طور سيز فائر ڪندا.

هن چيو ته هو چاهين پيا ته غزا ۾ گهٽ ۾ گهٽ جاني نقصان ٿئي پر ڪامياب نه ٿيا، هو حماس جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون