غزا ۾ اسرائيل، فلسطين ڇڪتاڻ 42 هين ڏينهن به جاري

- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيل، فلسطين ڇڪتاڻ 42 هين ڏينهن به جاري آهي، عرب ۽ عالمي سفارتي ڪوششن باوجود جنگ بندي جي ڪا به اميد نظر نٿي اچي. غزا ۾ يهودي فورسز جي وحشياڻي بمباري فلسطين ۾ شهيدن جي داستان رقم ڪري ڇڏي، بمباري ۾ 76 هزار رهائشي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون جڏهن ته شهيدن جو انگ ساڍا 11 هزار کان وڌي ويو آهي جن ۾ 4 هزار 660 ٻارڙا ۽ 3 هزار کان وڌيڪ عورتون به شامل آهن. قابض فوج جي المغازي ۾ هوائي حملي ۾ وڌيڪ 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 26 اسپتالون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون، اسرائيلي حملن ۾ 29 هزار کان وڌيڪ شهري زخمي ۽ هڪ هزار 770 ٻارڙا گم آهن. عرب ميڊيا موجب، فلسطيني هلال احمر چيو آهي ته اسرائيلي فورسز غزا جي پٽي ۾ الاحلي عرب اسپتال تي حملو ڪيو آهي. هلال احمر هڪ مختصر بيان ۾ چيو ته اسرائيلي ٽينڪن اسپتال کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ايمبولينسن جو عملو زخمين تائين پهچي نٿو سگهي. فلسطيني ٽيليويزن ٻڌايو آهي ته اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ گذريل ڏينهن ​​کان وٺي الاحلي عرب اسپتال ۾ لڳ ڀڳ 100 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. اسرائيلي نشرياتي اداري، بچاءَ واري وزير يوو گيلانٽ جي حوالي سان چيو ته اسرائيلي فورسز غزا شهر جي سڄي اولهه واري حصي جو ڪنٽرول مڪمل ڪري ورتو آهي، فوج سڄي شهر کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ايندڙ مرحلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيلي بچاءَ واري وزير گيلانٽ چيو ته الشفا اسپتال ۾ اهم نتيجا سامهون آيا آهن، فورسز صحيح ۽ فيصلائتي انداز ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، هوائي، سامونڊي ۽ زميني فوجن وچ ۾ مڪمل سهڪار سان آپريشن ڪيو پيو وڃي، اهڙي طرح يهودي فوج ڀرپور انٽيليجنس معلومات سان ڪارروايون ڪري رهي آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته تيل جي کوٽ سبب غزه جي پٽي سان رابطو مڪمل طور تي ڪٽجي ويو آهي، غزا ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل آهي جڏهن ته مواصلاتي نظام بند ٿيڻ سبب ايمبولينسز سان رابطو ڪرڻ به ممڪن ناهي رهيو. انروا جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني جنيوا ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته غزا جي پٽي هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل طور تي مواصلاتي بليڪ آئوٽ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ اهو تيل جي کوٽ سبب ٿيو آهي. غزه ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن سروسز فراهم ڪندڙ ٻنهي ڪمپنين مواصلاتي نظام بند ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. عرب ميڊيا موجب، حماس غزه ۾ سدروت ۽ غزا جي ڀرپاسي وارن شهرن ڏانهن راڪيٽ فائر ڪيا آهن. اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سندس فورسز غزا بندرگاهه تي مڪمل آپريشنل ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، يهودي فوج اهو الزام به لڳايو آهي ته بندرگاهه کي حماس دهشتگردي لاءِ استعمال ڪري رهيو هو. اسرائيلي فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته فوج غزه ۾ بندرگاهه واري علائقي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي ۽ علائقي جي سڀني عمارتن کي ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي. حماس جا اسرائيلي فورسز خلاف جوابي حملا به جاري آهن، حماس يروشلم ۽ بيت المقدس وچ ۾ واقع اسرائيلي فوجي چڪي کي تباهه ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ڪيترن ئي يهودي فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. حماس جي القسام برگيڊ دعويٰ ڪئي آهي ته 372 اسرائيلي فوجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي. غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا اسپتال تي اسرائيلي فورسز جي مسلسل ڪاررواين سبب ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي علاج هيٺ مريضن جي فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج الشفا اسپتال جي مختلف حصن کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيلي فوجي شهيد فلسطينين جا لاش به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، جڏهن ته فورسز اسپتال کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسرائيلي فورسز الشفا اسپتال مان مريضن يا طبي عملي  نڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. هڪ طرف غزا تي هوائي ۽ زميني حملن جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف اسرائيل ڏکڻ غزه ۾ پمفليٽ اڇلائي فلسطيني شهرين کي علائقو خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. اسرائيلي هوائي فوج ڏکڻ غزه جي پٽي ۾ خان يونس جي اوڀر واري علائقن ۾ رات جي وقت پمفليٽ اڇلايا، خان يونس جي اوڀر واري علائقي ۾ رهندڙن کي چيو ويو آهي ته هو فوجي ڪارروائي کان اڳ علائقي کي فوري طور تي خالي ڪن، اتر کان بي گهر ٿيل ماڻهو اڳ ۾ ئي اسڪولن ۽ تنبن ۾ پناهه ورتي آهي. انساني حقن جون عالمي تنظيمون غزه تي اسرائيل جي بنا فرق جي حملن بابت بار بار وارننگ جاري ڪري چڪيون آهن ته حماس خلاف اسرائيلي ڪاررواين جي آڙ ۾ شهرين کي جاڻي واڻي نشانو بڻايو پيو وڃي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
0.9m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون