اداڪارا صبا قمر اعتراف ڪيو آهي ته جيڪڏهن احسن خان شادي شده نه هجي ها ته هوءَ ساڻس شادي ڪري ڇڏي ها.
اداڪارا صبا قمر هڪ ٽي وي شو ۾ احسن خان جي سامهون کيس پسند ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
احسن خان انڪشاف ڪيو ته صبا ڪنهن شخص جي محبت ۾ گرفتار آهي، صبا جواب ڏيڻ بدران رڳو کلندي رهي.
احسن خان ٻڌايو ته هو ۽ صبا 15 سالن کان سٺا دوست آهن، ٻئي هڪ ٻئي جون اکيون به پِڙهي وٺندا آهن.
ان دوران احسن خان صبا قمر کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن صبا کي انڊسٽري ۾ ڪو هڪ اهڙو اداڪار چونڊ ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن سان شادي نه ٿئي هجي ته ان شادي ڪندي.
صبا احسن جي طرف اشارو ڪندي پسندگي جو اظهار ڪيو جنهن تي احسن خان حيراني سان گڏ خوشي جو به اظهار ڪيو.
صبا قمر ٻڌايو ته هو اداڪار بڻجڻ کان اڳ احسن خان جي وڏي فين هئي، موبائل نمبر ڪنهن کان وٺڻ بعد هوءَ کيس بار بار مس ڪالون ڏيندي هئي ۽ ميسيج ڪندي هئي.
صبا قمر انڪشاف ڪيو ته شوٽنگ دوران احسن خان سان جهيڙو ٿيو هو ۽ بعد ۾ هو کي زهر لڳندو هو، بعد ۾ احسن سان پيار ٿي ويو ، احسن جي زندگي ۾ فاطمه اچي وئي ۽ ان ساڻس شادي ڪري ڇڏي