پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر بابر اعظم ۽ محمد رضوان فلسطين جي حق ۾ سوشل ميڊيا تي هڪ جهڙي پوسٽ وائرل ٿي وئي آهي .
بابراعظم طرفان سوشل ميڊيا تي فلسطين جي حق ۾ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ ٻارڙي ملبي تي بيٺل آهي ۽ سندس هٿ ۾ فلسطين جو جهنڊو ۽ هنج ۾ هڪ رانديڪو آهي .
ساڳئي پوسٽ ڪجهه دير بعد پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان طرفان به شيئر ڪئي وئي .
محمد رضوان ورلڊ ڪپ دوران به فلسطين جي حق ۾ هڪ پوسٽ ڪئي هئي جيڪا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.
واضح رهي ته اسرائيلي فورسز جي غزا ۾ 7 آڪٽوبر کان جاري بمباري ۾ هن وقت تائين عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت ساڍا 11 هزار فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا آهن .