سنڌ هاءِ ڪورٽ  حددخليون نه هٽائڻ تي ڪي ڊي اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ  حددخليون نه هٽائڻ تي ڪي ڊي اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڇنڊ پَٽي. ٻڌڻي دوران جسٽس نديم اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي هڪ غير ضروري ۽ ڪم چور ادارو آهي، هڪ ته ھو پنهنجي ذميواري پوري نه ٿو ڪري، ٻيو ته عدالت ڪو حڪم ڏئي ٿي ته ان تي عمل به نٿو ڪيو ٿو وڃي. جسٽس نديم اختر چيو ته حددخليون قائم ڪرڻ جي اجازت ڪي ڊي اي ٿي ڏئي ٿي، عدالت حڪم ڏئي ٿي ته حددخليون ختم نٿيون ڪيون وڃن. هن چيو ته بار بار چئي رهيا آھن ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي، پر عمل نٿو ٿئي، جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ شروع ڪيو ته اوھان درخواست ڏيندڙن جي گهر وڃي پلاٽ ڏئي ايندا. جسٽس نديم اختر چيو ته ڪي ڊي اي قانون موجب ذميواري پوري نه ڪري رهي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ڪي ڊي اي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
25%
4.6m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون