نائيجيرين عورت 11 ڏينهن ۾ هٿ سان 1هزار 152 فٽ ۽ 5 انچ ڊگهي ”وگ“ ٺاهي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
گينيز ورلڊ رڪارڊز موجب هيلن وليم هٿ سان دنيا جي سڀ کان وڏي وگ ٺاهي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.
هيلن ويلم جو چوڻ هو ته ان ڪارنامي جي لاءِ وارن جا هڪ هزار بنڊل، اسپري لاءِ 12 ڪين، هيئر گلو جا 35 ٽيوب ۽ 6هزار 250 وارن جون ڪلپون استعمال ڪيون.
نائيجيرين عورت هيلن وليم گينيز ورلڊ رڪارڊز کي ٻڌايو ته دنيا جي سڀ کان وڏي وگ کي ٺاهڻ لاءِ مود هٿ ڪرڻ آسان نه هو، وگ ٺاهڻ جي تجربي ان جي ڪارنامي ۾ گهڻي مدد ڪئي.
هيلن کي وگون ٺاهڻ جو 11 سالن کان تجربو آهي، هوءَ هر هفتي ۾ 50 کان 3سئو وگون تيار ڪندي آهي، سندس چوڻ آهي ته سوين شاگردن جي هن تربيت ڪئي آهي ۽ هزارين وگون ٺاهيون آهن ………